اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عبدالقيوم صديقي جي وي لاگ موجب اڳوڻي جج جسٽس مظاهر نقوي ڪيس جي سندس درخواست تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته حاضر سروس جج هجڻ وقت هن چوڌري شهباز نالي ماڻهو کان ١٣ ڪروڙن کان وڌيڪ اگهه ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو، جنهن جو چيڪ سمارٽ سٽي پاران عسڪري بينڪ غالب مارڪيٽ لاهور مان ادا ڪيو ويو. ٻڌڻي ۾ ملٽري اسٽيٽ آفيس جو ڊپٽي سيڪريٽري، ڪنٽونمنٽ بورڊ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي تنزيلا اسلم ۽ چوڌري شهباز شامل هئا.چوڌري شهباز پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هن پيسن تي پڇا ڪئي پر جج کيس اهو چئي خاموش ڪرايو ته اهو اسان جو ۽ انهن جو مامرو آهي اوهان کي پيسن سان ڪم. پنج پنج ڪروڙ جا چيڪ جاري ٿيا ۽ ٽي ڪروڙ نقد ڏنو ويو.اڳوڻي جج شاندار پراپرٽي سينٽ جانس خريد ڪئي جنهن تي ڪيس سپريم جسٽس ڪائونسل ۾ هلندڙ آهي.
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 16 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي