واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن سيڪيورٽي خدشن سبب لڳايل پابندي جي باوجود ٽڪ ٽاڪ تي اڪائونٽ ٺاهي ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سيڪيورٽي خدشن سبب آمريڪي وفاقي ملازمن جي استعمال هيٺ سرڪاري موبائيل فونز يا ٻين اوزارن تي ٽڪ ٽاڪ سميت ٻين سوشل ميڊيا ايپس جي استعمال تي پابندي لاڳو آهي.
ان جي باوجود صدر جوبائيڊن چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي سياسي مهم ۾ شامل ٿي ويو آهي.
جو بائيڊن جي چونڊ مهم هلائيندڙن بائيڊن ايڇ ڪيو جي نالي سان ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ٺاهي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
صدر جي معاونن جو چوڻ آهي ته بائيدن کان ذاتي طور تي اها اميد نٿي ڪري سگھجي ته هو يا سندس انتظاميا مان ڪو ان پليٽ فارم جو حصو بڻجي. پر، ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ مڪمل طور تي چونڊن مهم جي ٽيم ذريعي هلايو ويندو.
واضح رهي ته ڪجهه ماهرن ورهايل آمريڪي معاشري ۾ ووٽرز خاص طور تي اهڙن نوجوانن تائين پهچڻ جي هڪ ڪوشش قرار ڏئي رهيا اهن جيڪي روايتي پليٽ فارمز کان پري رهي رهيا آهن.
You might also like