واٽس ايپ ويب واهپيدارن جي سولائي لاءِ نئين فيچر تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب ايپ ”فيورٽ ڪانٽيڪٽس“ جي فيچر تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت واهپيدار وقت جي بچت ڪندي پنهنجن انهن رابطن کي ان آپشن ۾ رکي سگھندا جن سان هو وڌيڪ رابطي ۾ رهندا آهن.
واهپيدارن جي واٽس ايپ سرچ بار ۾ فيورٽس جو آپشن ايندو جنهن ۾ هو ڪجهه مخصوص ماڻهو هوندا جن کي اوهان ان ڪيٽيگري ۾ رکڻ چاهيندا.
واٽس ايپ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو واهپيدارن کي مستقبل ۾ پنهنجا پسنديدهه رابطا ڏسي چيٽس جي لسٽ کي فلٽر ڪرڻ جي اجازت ڏيندو.
واهپيدارن کي پنهنجي پنسد جي رابطن جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار هوندو، سولائي سان انهن تائين پهچ حاصل ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب ان فيچر تي اڃا ڪم جاري آهي، شروعاتي طور تي اهو ڪجهه واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو، ان کان پوءِ اهو سڀني لاءِ پيش ڪيو ويندو.
You might also like