ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ذاتي مصروفتين جي بنياد تي انگلينڊ خلاف سيريز جي باقي ٽن ميچز تان به هٿ کڻي ورتو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) انگلينڊ خلاف سيريز جي باقي ٽن ٽيسٽ ميچز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
بي سي سي آءِ موجب، ويرات ڪوهلي کي ذاتي مصروفيتن سبب ٽيم جو حصو نه بڻايو ويو آهي.
بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه چيو آهي ته بورڊ ويرات ڪوهلي جي فيصلي جو احترام ڪري ٿو جڏهن ته رويندرا جاڙيجا ۽ ڪي ايل راهول جي شموليت فٽنس سان مشروط آهي.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ذاتي مصروفيتن سبب سيريز جي شروعاتي ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ به حصو نه ورتو هو.
ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 1-1 تان برابر آهي، جڏهن ته سيريز جي ٽين ميچ 15 فيبروري تي راجڪوٽ شيڊيول آهي.
Prev Post
You might also like