ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ ملڪ ۾ نتيجا اچڻ جي سلسلو جاري آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي ٽنڊوالهيار ضلعو به ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي.
غير سرڪاري ۽ حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي ٽنڊوالهيار جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب اين اي 217 تي پ پ اميدوار ذوالفقار بچاڻي، پيس ايس 59 تي پ پ اميدوار امداد پتافي ۽ پي ايس تي به پ پ اميدوار ضياءَ عباس شاهه ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
You might also like