لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزر مريم نواز دعويٰ ڪئي آهي ته نون ليگ مرڪز ۽ پنجاب ۾ سڀ کان وڏي پارٽي طور اُڀري رهي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز لکيو ته ڪالهه ڪجهه ميڊيا ادارن طرفان غلط خبرون پکيڙڻ باوجود به نون ليگ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور سامهون آئي آهي جنهن تي هوءَ الله جو شڪريو ادا ڪري ٿي.
As opposed to the false perception deliberately built by a section of media last night, PMLN, Alhamdolillah emerging as the single largest party in centre and in Punjab. Some results awaited. MNS will head to PMLN HQ for the victory speech as soon as final results are received.…
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) February 9, 2024
مريم نواز چيو ته اسان ڪجهه آخري نتيجن جو انتظار ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله نتيجا اچڻ کانپوءِ نون ليگ مرڪزي آفيس ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي.
ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ نون جو قائد نواز شريف، صدر شهباز شريف، سينيئر نائب صدر حمزا شهباز ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز لاهور مان قومي اسيمبلي جون سيٽون کٽي ورتيون آهن.