مانسهرا ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن 2024ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ نون جو قائد نواز شريف اين اي 15 مانسهرا تان هارائي ويو آهي.
عام چونڊن ۾ گذريل ڏينهن پولنگ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين 15 مانسهرا جو نتيجو سامهون آيو آهي.
غيرحتمي غير سرڪاري نتيجي موجب،قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 15 مانسهرا تان پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار شهزادا محمد گستاسب خان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا آزاد اميدوار گستاسب خان 105249 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته نواز شريف 80382 ووٽ کڻي هارائي ويو.
Prev Post
You might also like