دادو (ويب ڊيسڪ) ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ ملڪ ۾ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي دادو ضلعي ۾ ڪليئن سوئيپ ڪري ورتو آهي.
غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي دادو ضلعي مان ٻه قومي ۽ 4 صوبائي سيٽون کٽي ورتيون.
قومي اسيمبلي جي سيٽن تي پ پ اميدوارن سردار رفيق احمد جمالي ۽ عرفان ظفر لغاري ڪامياڻي ماڻي ورتي جڏهن ته دادو، جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ جي صوبائي تڪن تي پير مجيب الحق، صالح شاه جيلاني، عبدالعزيز جوڻيجو ۽ فياض ٻـُٽ ڪامياب ٿي ويا ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ تي لياقت جتوئي کي شڪست ٿي آهي.
پ پ دادو مان 2 قومي ۽ 4 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽي ورتيون، لياقت جتوئي کي شڪست
You might also like