گھوٽڪي ۾ پ پ ٻه صوبائي سيٽون هارائي وئي

گھوٽڪي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پيپلز پارٽي کي گھوٽڪي ۾ ٻن صوبائي تڪن تي شڪست ملي آهي.

غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب گھوٽڪي ۾ علي گوهر خان مهر ۽ خالد خان لـُنڊ جي حمايت رکندڙ آزاد اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن.

اين اَي 199 تي پ پ اميدوار علي گوهر خان مهر کي تاريخي ڪاميابي ماڻي آهي جڏه ته پي ايس 21 گهوٽڪي تي پ پ اميدوار راجا خان مهر، پي ايس 20 خانڳڙه تي پ پ اميدوار محمد بخش خان مهر سوڀ سوڀارا ٿيا.

ٻي پاسي علي گوهر مهر ۽ خالد لـُنڊ جي حمايت رکندڙ آزاد اميدوار نادر خان لغاري پ پ جي اميدوار عبدالباري پتافي کي شڪست ڏئي ڇڏي جڏهن ته پي ايس 18 اوٻاوڙو تي به ڄام مهتاب حسين ڏهر پ پ جي شهريار خان شر کي شڪست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.