لاهور مان نواز شريف ڪامياب، ياسمين راشد کي شڪست

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيرِاعظم نواز شريف پنهنجي اباڻي تڪ لاهور تان آزاد اميدوار ياسمين راشد کي شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين 130 جي تمام 376 پولنگ اسٽيشنز جا غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن.
غيرسرڪاري نتيجن موجب، نون ليگ قائد نواز شريف 171024 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب جڏهن ته آزاد اميدوار ياسمين راشد 115043 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.