لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن کانپوءِ نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن موجب، اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار به قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 تان هارائي ويو آهي.
عام چونڊن 2024ع جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن تحت قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 53 تان نون ليگ جي قمر السلام ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته چوڌري نثار ٽئين نمبر تي رهيو.
اين اي 53 راولپپنڊي جي سمورين پولنگ اسٽيشنز جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا جنهن موجب، نون ليگ جي قمر السلام 72006 ووٽ حاصل ڪيا ۽ سندس مخالف اميدوار اجمل صابر 58476 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو جڏهن ته اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار 44072 ووٽن سان ٽئين نمبر تي رهيو.
You might also like