ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جي سلسو جاري آهي ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي 17 ضلعن ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي.
ٺٽي، شڪارپور، دادو، نوشهري فيروز، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، سکر، مٽياري، ٽنڊي الهيار، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، بدين، سجاول ۽ ڄامشوري ضلعن جي قومي ۽ صوبائي سيٽن تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿي ويا.
پي ايس 77 سيوهڻ تان پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه ، رتوديرو جي تڪ تان فريال ٽالپر، ٽنڊي ڄام جَي تڪ پي ايس 61 تي شرجيل انعام ميمڻ ۽ پي ايس 60 تي ڄام خان شورو ڪامياب، پي ايس 12 باقراڻي تَي سهيل انور سيال ڪاميابي ماڻي.
خيرپور جي صوبائي تڪن تان سيد قائم علي شاهه، هالار وساڻ ڪامياب، عمرڪوٽ جي تڪ پي ايس 49 تان سردار شاهه، پي ايس 46 ميرپورخاص تي ذوالفقار علي شاھ ۽ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو تي علي حسن زرداري ڪامياب ٿيا، پي ايس 71 بدين تاج محمد ملاح ۽ پي ايس 70 ٽنڊو باگو امير امان الله ٻهاري ورتا، پي ايس 75 ٺٽو ون تي سيد رياض حسين شاهه شيرازي، پي ايس 7 شڪارپور تي امتياز احمد شيخ ۽ پي ايس 48 ڊگهڙي تي مير طارق خان ٽالپر ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي، پي ايس 41 سانگهڙ تي پ پ جو علي حسن هنگورجو ۽ پي ايس 70 ٽنڊوباگو تي پ پ اميدوار ارباب امير امان الله ڪامياب ٿيا آهن.
You might also like