پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي جي ٻي سيٽ به کٽي ورتي.
سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 27 خيرپور جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار هالار وساڻ ڪامياب ٿي ويو.
غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب پي ايس 27 خيرپور جي سڀني 145 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ پ پ جو هالار وساڻ 93421 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي.
جي يو آءِ ايف جي محمد شريف ٻرڙي 14897 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.
You might also like