بلاول جو چونڊ نتيجن ۾ سستي تي ڳڻتيءَ جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ نتيجن ۾ سستي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ نتيجا يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين سستي جو شڪار آهن، جڏهن ته شروعاتي نتيجا پ پ لاءِ حوصلو ڏيندڙ آهن.
هن چيو ته پ پ اميدوار ۽ پ پ جا حمايت يافته آزاد اميدوار چونڊ نتيجن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ڏسون ته آخر ۾ حتمي نتيجا ڪهڙا ٿا اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.