ڇيپا فائونڊيشن جي سربراهه پاران پرامن چونڊن تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامور سماجي اڳواڻ ۽ ڇيپا فائونڊيشن جي سربراهه محمد رمضان ڇيپا سڄي ملڪ ۾ 2024ع جي عام چونڊن جي پرامن ٿيڻ تي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، رينجرز، پوليس ۽ سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مبارڪباد ڏني آهي.

هن چيو ته خاص طور تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن پاڪستاني قوم کي امن امان جي ذريعي چونڊ عمل ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ سندس خاص هدايتن تي پاڪ فوج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ٻين حصن جيان ڪراچي ۾ به پرامن چونڊن تي پاڪ فوج، سنڌ رينجرز ۽ ڪراچي پوليس سميت سڀني ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص، آءِ جي سنڌ رفعت مختيار راجا، ٽنهي زونل ڊي آءِ جيز پوليس ۽ سڀني ضلعي ايس ايس پيز پوليس غير معمولي همت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي پرامن چونڊن ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو جنهن تي مان کين سلام پيش ڪريان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.