اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪامياب عام چونڊون ٿيڻ تي قوم جا ٿورا مڃيندي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن.
انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن، عبوري صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ پوليس، چونڊ عملي ۽ ميڊيا جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو.
نگران وزيراعظم چيو ته اهو اهم موقعو اسان جي جمهوري عمل جي لچڪ ۽ طاقت جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري مشق جي پيڙهه جو پٿر رهيو آهي.
You might also like