سڄي ملڪ ۾ چونڊون 100 سيڪڙو شفاف ۽ پرامن ٿيون: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 100 سيڪڙو شفاف ٿيون آهن، سڄي پاڪستان ۾ ڪنهن ووٽر کي نه روڪيو ويو، يقين آهي ته نتيجن کي تسليم ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سڪندر سلطان راجا چيو ته چونڊون 100 سيڪڙو شفاف ۽ پرامن ٿيون، پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو، ڪنهن به شهري کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان نه روڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.