گوگل واهپيدارن کي مالي دوکي کان بچائڻ لاءِ اهم قدم کڻي ورتا

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) گذريل سال ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پاران انسٽاليشن کان اڳ پلي پروٽيڪٽ جي نامعلوم اينڊرائيڊ ايپس کي اسڪين ڪرڻ بابت اعلان ڪيو هو. پر هاڻي گوگل پلي پروٽيڪٽ ۾ واهپيدارن کي مالي دوکي کان تحفظ وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.
ان اپ ڊيٽ کان پوءِ پروٽيڪٽ ويب برائوزر، ميسيجنگ ايپس يا فائيل مئنيجر انهن سمورين ايپس کي جائزو وٺڻ کان پوءِ پاڻمرادو بلاڪ ڪري ڇڏيندو جيڪي حساس ڄاڻ ۾ واهپيدارن جي اجازت چاهينديون (جن کي استعمال ڪندي عام طور تي مالي دوکو ڪيو ويندو آهي).
گوگل پاران اهي قدم خاص طور تي مالي دوکو ڪندڙ ايپس جو ايس ايم ايس ملڻ، ايس ايم ايس پڙهڻ، نوٽيفڪيشن موڪلڻ ۽ اجازت حاصل ڪرڻ جي درخواست ڪنديون آهن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. جعل ساز ايپس پاران موڪليا ويندڙ ون ٽائيم ايس ايم ايس يا نوٽيفڪيشن تي ٻڌل پاسپورڊز ۾ گھڙي اسڪرين کي ڪونٽينٽ جي جاسوسي ڪري سگھن ٿا.
گوگل پلي سروس ذريعي ان فيچر جو آزمائشي ورجن ايندڙ هفتن ۾ سنگاپور جي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ شروع ڪيو پيو وڇي. ايپ کي پروٽيڪٽ ذريعي بلاڪ ڪرڻ کان پوءِ گوگل پاران هڪ وضاحت جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ ٻڌايو ويندو ته اها ايپ حساس ڊيٽا تائين پهچ جي اجازت گھري سگھي ٿي جنهن سان سڃاڻپ جي چوري ٿيڻ يا مالي دوکي جا خطرا وڌي سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.