ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪرڪيٽر به ووٽ وجهڻ لاءِ گھرن کان ٻاهر نڪري آيا، محمد حفيظ، شاهد آفريدي سوڌو ٻين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ ايڪس (ٽوئيٽر) تي تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته هن پاڪستان جي بهترين لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي رانديگر عمر گل به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
عمل گل ٽوئيٽر تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته بهتر پاڪستان ۽ مستقبل لاءِ آئون ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ان کانسواءِ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، هن اين اي 236 ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي تصوير اپلوڊ ڪئي.
You might also like