14 فيبروري تي مارڪيٽ ۾ ايندڙ ”ريڊ مي A3“ ۾ ڪهڙيون خاصيتون هونديون؟

مشهور سمارٽ فون جي نئين سيريز ريڊ مي A3 کي ڀارت ۾ 14 فيبروري تي لانچ ٿيڻو آهي. فون ۾ ڪيمرا جي گول ڊزائين کانسواءِ ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ به ڏيڻ جو امڪان آهي.
اي 3 لي اسڪرين 6.71 انچن جي آءِ پي ايس ايل سي ڊي هوندي. ان ۾ ميڊيا ٽيڪ هيليو G36 چپ سيٽ ۽ 13 ميگا پڪسل جي پٺين ڪيمرا هوندي.
ريڊ مي ان فون جي لانچ جي تاريخ جي اعلان سان گڏ سيٽ جون ڪجهه نمايان خاصيتون به بيان ڪيون.
چيني ڪمپني ٻڌايو ته ريڊمي A3 ۾ 90HZ جي ريفريش ريٽ ڊسپلي ۽ 6 جي بي ريم هوندي. ان کي 6 جي بي جي ورچوئل ريم سپورٽ به فراهم ڪئي ويندي.
ان نئين موبائيل فون ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري لڳل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.