اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ موبائل فون سروس جي بندش تي وفاقي گهرو وزارت جو بيان سامهون اچي ويو.
ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي موبائل فون سروس بند آهي، جنهن سبب اميدوارن ۽ ووٽرن کي ڏکيائيون پيش آيون.
ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته موبائل فون سروس انتهائي سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڊائون آهي.
گهرو وزارت موجب سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ماڻهو بنا خوف جي گهران نڪرن.
You might also like