الهام عليوف ٻيو ڀيرو وڏي اڪثريت سان آذربائيجان جو صدر چونڊجي ويو

باڪو (ويب ڊيسڪ) آذربائيجان جو صدر الهام عليوف هڪ ڀيرو وري ملڪ جو صدر چونڊجي ويو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آذربائيجان ۾ ٿيل صدارتي اليڪشن ۾ تقريبن 77 سيڪڙو ووٽنگ جي شرح رهي جنهن ۾ صدر الهام عليوف 4 لک 971 ووٽ کڻي لاڳيتو ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو.
صدر الهام عليوف جا مخالف اميدوار پري پري تائين به سندس مقابلو نه ڪري سگھيا، ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مڪل ۾ جشن جو ماحول آهي ۽ پاسي صدر الهام جون تصويرون ۽ پارٽي جي جهنڊن جي بهار آهي.
آذربائيجان جي صدر وڏي اڪثريت سان ان شاندار ڪامياب جو سبب مخالف ملڪ آرمينيا سان تڪراري علائقي ۾ هڪ جنگ کٽڻ ۽ آرمينيا کان پنهنجي زمين واپس وٺڻ آهي.
ترڪ صدر طيب اردوان الهام عليوف کي فون ڪري کيس شاندار ڪاميابي جون واڌايون ڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.