صوبي ۾ پرامن پولنگ جاري آهي، ڳڙ ٻڙ تي ڪارروائي ٿيندي: اليڪشن ڪمشنر سنڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله چيو آهي ته سنڌ ۾ پولنگ عمل پرامن ماحول ۾ جاري آهي، ڪٿي به ڪا ڳڙ ٻڙي ٿي ته فوري ايڪشن ورتو ويندو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله چيو ته هن وقت تائين ڪنهن علائقي مان ڪا وڏي شڪايت ناهي آئي.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ پولنگ جو عمل صبح اٺين وڳي شروع ٿيو جيڪو شام پنجين وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندو.
شريف الله چيو ته ووٽ قومي فرض آهي، عوام بنا ڪنهن ڊپ ۽ خطري جي پولنگ اسٽيشنز وڃي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جون ٽيمون ۽ لاڳاپيل ادارا عملي طور ميدان ۾ موجود آهن، ڪٿي به ڪا ڳڙ ٻڙ ڪئي وئي ته فوري طور ايڪشن ورتو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.