بونير ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان جنهن تي آڱر رکندو اهو ئي پارٽي جي قيادت سنڀاليندو.
بونير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته انتظاميا کي درخواست آهي ته هو مڪمل طور سهڪار ڪري، پولنگ ۽ ڳڻپ جو عمل درست هوندو ته جهموري عمل مڪمل ٿيندو.
هن چيو ته ووٽرز کي درخواست آهي ته ٻاهر نڪرن، اڄ آزادي جون ڏينهن آهي، پاڪستاني عوام اڄوڪي ڏينهن لاءِ ڊگهو انتظار ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ جي وزارتِ عظميٰ لاءِ اميدوار بابت سوال جي جواب ۾ بئرسٽر گوهر چيو ته عمران خان جنهن تي آڱر رکندو اهو ئي پارٽي ليڊ ڪندو.
You might also like