آمريڪا حملو ڪيو ته پوري قوت سان جواب ڏينداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا اسان جي قومي سلامتي ۽ خود مختياري کي للڪاريو ته ان کي فوري طور تي ۽ قوت سان سان جواب ڏينداسين.
پرڏيهي خابرو ادراي موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اڳ به حملي جو فيصلو ڪندڙ جواب ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن هاڻي به آمريڪا حملو ڪيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافي جي سوال جي جواب ۾ ڪيو هن کان پڇيو ويو هو ته ڇا آمريڪا ايران تي حملي جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.