اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت واري وزارت عام چونڊن کي ڏسندي اسلام آباد جي اسپتالن کي 9 فيبروري تائين هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو.
عام چونڊن جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صحت واري وزارت جي حڪمن تي اسلام آباد جون اسپتالون 9 فيبروري تائين هاءِ الرٽ رهنديون، وفاقي اسپتالن ۾ هنگامي حالتن کي ڏسندي انتظام ڪيا وڃن.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي اسپتالن جي ڊاڪٽرن، نرسن، عملي جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن.
وفاقي اسپتالن جي عملي کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي ڪنسلٽنٽ، سرجنز، سي ايم اوز کي آن ڪال رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن اسلام آباد جا بنيادي، ٻهراڙي صحت مرڪز، ڪميونٽي هيلٿ سينٽر هاءِ الرٽ تي رهندا، اسلام آباد جا صحت مرڪز 7 کان 9 فيبروري تائين هاءِ الرٽ رهندا، ڊي ايڇ او حڪم جاري ڪيا آهن ته صحت مرڪزن ۾ هنگامي حالتن کي ڏسندي انتظام ڪيا وڃن.
You might also like