محمد عامر جي پاڪستان ٽيم ۾ واپسي تي شاهين آفريدي ڇا چيو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر کي اسڪواڊ ۾ واپس آڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري ڪوششون شروع ٿي ويون آهن.
نجي ٽي وي ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته محمد عامر کي ٽيم ۾ واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
ان ڏس ۾پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي به محمد عامر جي واپسي بابت هاڪاري اشارو ڏنو آهي.
آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ۾ سينيئر پيسر سان ڊيزرٽ وائپرز جي ٽيم جي نمائندگي ڪندڙ شاهين آفريدي هڪ انٽرويوءَ دوران چيو ته هو پاڪستان ٽيم ۾ واپسي لاءِ دستيابي بابت محمد عامر سان ڳالهائيندو.
هن چيو ته هو ٻئي پنجن سالن تائين پاڪستان لاءِ گڏ کيڏي چڪا آهن، محمد عامر سان گڏ بالنگ ڪندي مزو ايندو آهي، اسان ٻنهي جي ذهني هم آهنگي شاندار هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.