ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين ۾ 15 هين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ شخص معجزاتي طور تي زندهه بچي ويو.
Video of the fall of a 21-year-old resident of Lviv from the 15th floor.
The man jumped from the balcony because of depression, but fell on the car and survived. pic.twitter.com/kxAwdbRolU
— Ukraine Lives Matter (@ULM_Info) February 2, 2024
رپورٽ موجب يوڪرين جي شهر لويف ۾ حالتن کان تنگ شخص 15 هين ماڙ تان ٽپو ڏنو پر ان خطرناڪ عمل جي باوجود يوڪريني شهري موت جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته يوڪريني شهري جيئن کي 15 هين ماڙ تان ٽپو ڏنو ته هو گاڏيءَ جي شيشي تي اچي ڪِريو ۽ گاڏي جي شيشي جي مضبوطي سبب سندس حياتي بچي وئي.
آپگهات جي ڪوشس ڪندڙ شخص کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
آپگهات ڪرڻ جو اهو واقعو سامهون واري عمارت ۾ لڳل ڪيمرا جي اک ۾ قيد ٿي ويو ان واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.