حڪومت چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته اڃا تائين ڪنهن علائقي موبائيل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز چيو ته چونڊن واري ڏينهن امن هوندو ۽ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ئي ذميواري آهي، 12 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني اٺ فيبروري تي ووٽ ڪاسٽ ڪندا، معاملا ۽ حالتون ڪنٽرول ۾ آهنڍ ۽ سمورن افواهن باوجود اٺ فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن.
هن چيو هو نه چاهيندا ته سنڌ ۾ ڪٿي به قانون هٿ ۾ کنيو وڃي، سنڌ ۾ چونڊ وڙهندڙ پارٽيون ورهين کان اڳ ٻئي کي ڄاڻن ٿيون، سڀني لاءِ پيغام آهي ته سنڌ ۾ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ پوليس بيٺي آهي.
نگران گهرو وزير جو چوڻ هوته باجوڙ واقعي جي جاچ ڪرائي آهي، اِها سموري ڪارروائي کين ڊيڄارڻ لاءِ ڪئي پئي وئي، بلوچستان ۾ اليڪشن اميدوارن ۾ ڇڪتاڻ ناهي، اتي چونڊ وڙهندڙ پارٽين جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو ناهي، بلوچستان ۾ پوليس، سول آرمڊ ۽ فوجي اهلڪار مقرر آهن.
گوهر اعجاز ٻڌايو ته 44 هزار پولنگ اسٽيشنز نارمل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ويهه هزار نوَ سئو پنجاسي پولنگ اسٽيشن حساس جڏهن ته سورنهن هزار ست سئو ڇاهٺ پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ موبائيل يا انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو، سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن ضلعي يا صوبي جي درخواست آئي تي انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.