”لاهور مان بلاول کي هارايو“ نوازشريف جو نئون مطالبو

لاهور(عوامي آواز نيوز)چونڊون ويجهيون ٿيڻ شرط نوازشريف جا مطالبا وڌڻ لڳا، طاقتور حلقا حيران پريشان، نواز ليگ ۾ ڏار، پارٽي مريم نواز  حوالي ٿيڻ واري،اڳوڻو وزيراعظم لاهور ۾ بلاول کي زوري هارائڻ جو خواهشمند، فضل الرحمان تي به ڪاوڙيل، ناليواري اينڪر مبشر لقمان چيو آهي ته نوازشريف جا مطالبا وڌي رهيا آهن، جيڪي به هن جا چاهيندڙ مڃيندڙ آهن اهي مٿو پڪڙي ويٺل آهن ته انهن مطالبن کي ڪيئن پورو ڪجي؟هڪ ته سندس سڀ کان پراڻو مطالبو آهي ته کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏياري وڃي، کيس واضح طور تي چيو ويو آهي ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ناهي ملڻي، هن جو ضد آهي ته پنجاب جي وڏو وزارت مريم نواز حوالي ڪئي وڃي،کيس ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ وڏو وزارت جي سيٽ تي شريف خاندان کان علاوه ڪنهن ٻئي کي ويهاريو ويو ته ان سان پارٽي کي فائدو ٿيندو جنهن تي نوازشريف جو جواب هو ته جڏهن به شريف خاندان کان ٻاهر ماڻهو کي ان عهدي تي ويهاريو ويو ته ان سان اسان کي نقصان ٿيو آهي،هن دوست محمد کوسي، شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جا مثال ڏنا،ذريعن موجب نوازشريف هڪ لسٽ به لاڳاپيل ڌرين حوالي ڪئي آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو نالو به شامل آهي، نوازشريف جو ضد آهي ته لاهور ۾ بلاول کي هر صورت ۾ هارايو وڃي، ان جي مقابلي ۾ ظهير عباس کوکر ڀلي کٽي وڃي، حالانڪه اتي ن ليگ جو اميدوار عطا تارڙ آهي،هن وقت پارٽي ۾ شاهد خاقان ،مفتاح اسماعيل جو ساٿ ڏيندڙ نشانو آهن، ميان صاحب انهن کي چونڊن ۾ هارائڻ چاهي ٿو، خبر اها آهي ته نوازشريف فضل الرحمان جي پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ موجودگي نٿو چاهي ،سندس ڊمانڊ آهي ته فضل الرحمان کي بلوچستان يا ڪي پي جون صوبائي سيٽون جيتريون چاهي ڏيو پر قومي اسيمبلي ۾ نه،هن چيو ته جي يو آءِ جي هڪ ذريعي تصديق ڪئي ته ٻنهي پارٽين ۾ ڪجهه اشوز آهن، نوازشريف جي يو آءِ جي قومي اسيمبلي ۾ ايتري اڪثريت نٿو چاهي ته جيئن فضل الرحمان ٻه چار وزارتون نه گهري وٺي،مولانا صاحب ملڪ جو صدر به بڻجڻ چاهي ٿو، هڪ عام تاثر آهي ته نوازشريف حڪومت ملڻ جي ڏيڍ سال کانپوءِ پر کوليندو،نوازشريف جا وڌيڪ مطالبا اڃا سامهون اچڻ وارا آهن، هن جو ارادو پارٽي پنهنجي ڌيءُ مريم نواز حوالي ڪرڻ آهي، نواز ليگ ۾ وڏا ڏار پئجي ويا آهن،نوازشريف اڃا تائين نئون بيانيو به نه ڏئي سگهيو آهي، نوازشريف هڪ ڏيڍ سال تائين وزيراعظم رهڻ چاهي ٿو، هو پنهنجي زندگي ۾ سياسي وراثت مريم حوالي ڪرڻ چاهي ٿو،ن ليگ ۾ اڪثر ماڻهو اليڪشن کانپوءِ پنهنجو رستو ڳوليندا، شاهد خاقان عباسي نئين پارٽي ٺاهيندو اهي سڀ ماڻهو عباسي ڏانهن ويندا، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به نئين پارٽي ۾ هليا ويندا، 2025ع ۾ وري نئين اليڪشن ٿي سگهي ٿي

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 06 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.