چلي ۾ خوفناڪ باهه، فوتين جو انگ 112 ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر

سنتياگو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي ۾ ٻيلن ۾ خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 112 ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب چلي جي ٻيلن ۾ باهه سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي، باهه سان متاثر ملڪ جي وچ ۽ ڏکڻ حصن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي، چلي ۾ 92 هنڌن تي لڳل باهه سبب 14 هزار گهرن کي نقصان پهچي چڪو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته باهه سبب 10 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي، جڏهن ته فوتگين تي ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
فائر بريگيڊ اختيارين موجب فائر فائٽرز 40 هنڌن تي باهه تي ضابطو آندو آهي ۽ ٻين هنڌن تي باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
واضح رهي ته چلي ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ سبب ٻيلن ۾ باهه لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.