ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) نامياري ڀارتي اداڪارا درشن جاريوالا عورت صحافڻ طرفان فراڊ جي الزامن کانپوءِ سينٽا آرگنائزيشن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ڪولڪتا سان واسطو رکندڙ عورت اداڪار تي الزام مڙهيو ته هن هڪ مندر ۾ ساڻس شادي ڪئي ۽ جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ کانپوءِ شاديءَ تان ڦري ويو.
ميڊيا پروفيشنل جي هڪ تنظيم طرفان اداڪار خلاف ڪولڪتا جي هڪ ٿاڻي ۾ دوکيبازي ۽ فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، درشن جاريوالا به عورت خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
درشن جاريوالا نوي جي ڏهاڪي کان هندي سئنما سان سلهاڙيل ۽ ڪيئي سپر هٽ فلمن مختلف ڪردار ادا ڪري چڪو آهي.
You might also like