ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي چيو آهي ته ڪراچي جي برسات تي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سياست ڪري رهيون آهن.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شرميلا فاروقي چيو ته حقيقتن کي ڇڏي ڪنهن تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي، تمام گهڻي برسات پئي، ڪراچي اهڙي قسم جي برسات کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، نه ئي اڄ تائين ڪراچي وارن لاءِ ڪو ماسٽر پلان ٺهيو، ان جي ذميواري پ پ تي وجهڻ غلط آهي.
هن چيو ته ڪراچي جي برسات تي سياست ٿي رهي آهي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي برسات تي سياست ڪري رهيون آهن، توڙي جو اسان 24 ڪلاڪن ۾ روڊ صاف ڪري ڇڏيا.
You might also like