واٽس ايپ جي ويب ورجن لاءِ بهترين فيچر جي واڌ

واٽس ايپ ۾ واهپيدارن جي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
اهو ئي سبب آهي جو موبائيل ايپ کان پوءِ چيٽ لاڪ فيچر واٽس ايپ جي ويب واهپيدارن لاءِ به متعارف ڪرايو پيو وڃي.
واضح رهي ته چيٽ لاڪ فيچر مئي 2023ع ۾ موبائيل ايپس لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي ذريعي مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان تائين پهچ فون ان لاڪ جي طريقيڪار سان ممڪن هوندي آهي.
ان کان پوءِ چيٽ لاڪ فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سيڪريٽ ڪوڊ فيچر به متعارف ڪرايو ويو هو.
هاڻي ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ واٽس ايپ ۾ اهو فيچر ويب ورجن جو حصو بڻائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي ويب ورجن ۾ لاڪ چيٽ فيچر جو اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن سان مخصوص چيٽس کي وڌيڪ سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي ملي سگهندي.
ان فيچر تي اڃا ڪم جاري آهي ۽ ويب ورجن جي بيٽا ورجن ۾ ان جو اشارو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ويب ورجن تي به اهو فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ورجنز جيان ئي ڪم ڪندو.
اهو فيچر اهڙن ماڻهن لاءِ گھڻو مددگار ثابت ٿيندو جيڪي آفيس ۾ واٽس کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪندا آهن.
ان فيچر جي ذريعي هو ذاتي تفصيل، ڳجهي يا حساس ڄاڻ ٻين ماڻهن جي پهچ کان پري رکي سگھندا.
اڃا ان فيچر تي ڪم جاري آهي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ان کي ڪڏهن ويب ورجن جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.