اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي شيڊيول عام چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ڪرڻ بعد لاڳاپيل تڪن لاءِ بيلٽ پيپر پهچائڻ جو عمل جاري آهي جيڪو اڄ مڪمل ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 859 تڪن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، عدالتي حڪم تي ٻيهر بيلٽ پيپرن جي ڇپائي به وقت تي مڪمل ڪئي وئي آهي، پوري ملڪ ۾ بيلٽ پيپر پهچائڻ جو عمل به شروع ٿي ويو آهي، جيڪو سڀاڻي تائين مڪمل ٿيندو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب، 2018 جي عام چونڊن ۾ 22 ڪروڙ بيلٽ پيپز ڇپرايا ويا هئا، 2024 جي چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپر ڇپيا ويا آهن، جنهن تي 2،170 ٽن ڪاغذ استعمال ٿيو آهي. 8 فيبروري تي سمورا ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.