واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا وچ ۾ اوڀر ۾ وڌيڪ حملن جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
وائٽ هائوس جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار سيلوان پريس ڪانفرنس دوران چيو ته آمريڪا ايران جي حمايت يافتا گروپن کي نشانو بڻائڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ حملن جو ارادو رکي ٿو، اسان ان سلسلي ۾ وڌيڪ حملن ۽ ٻين ايڪشنز بابت پڻ سوچي رهيا آهيون.
هن چيو ته وچ اوڀر ۾ ايراني حمايت يافتا گروپن تي وڌيڪ حملن جو مقصد اِهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته جڏهن اسان جي فورسز تي حملو ڪيو ويندو ۽ اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو ته آمريڪا ان جو ڀرپور جواب ڏيندو.
پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صلاحڪار ايران جي اندر حملي بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته ان معاملي تي آمريڪي فوج محتاط رهي آهي.
ياد رهي ته آمريڪا ڪجهه ڏينهن اڳ عراق، شام ۽ يمن ۾ حملا ڪيا جنهن ۾ ايراني حمايت يافتا گروپن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جڏهن ته آمريڪا سان گڏ برطانيا به ڇنڇر جي رات يمن ۾ حوثين تي حملا ڪيا هئا.
You might also like