ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مڪاني ادارن ڪم ڪيو آهي تڏهن روڊن تان پاڻي صاف ٿيو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته نعيم الرحمان ۽ مصطفيٰ ڪمال لاءِ مختلف ۽ هن لاءِ مختلف ڪراچي آهي، ڏکيائون ۽ پريشانيون آهن پر اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي خراب صورتحال هئي ، اڄ ڪليئر آهي.
هن چيو ته مڪاني ادارن ڪم ڪيو آهي ته تڏهن رودڊن تان پاڻي صاف ٿيو آهي، مختلف علائقن ۾ گهٽين ۾ پاڻي آهي، ڪي ايم سي کي مدد جي هدايت ڪئي آهي، ڪمرن ويهي تنقيد ڪرڻ سولي آهي، اسان روڊن تي ڪم ڪري رهي هئاسين، اسان روڊن تي هئاسين، جماعت اسلامي جا ٽائون چيئرمين نظر نه آيا.
Prev Post
You might also like