بجلي تي هلندڙ موٽرسائيڪلون ٺاهيندڙ چيني اداري ”ياڊيا“ (Yadea) پاڪستان ۾ ٻه نوان اليڪٽر اسڪوٽر متعارف ڪرايا آهن.
گذريل سال نومبر ۾ ياڊيا T5 جي نالي سان هڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽر 2 لک 45 هزار روپين ۾ متعارف ڪرايو هو.
هاڻي متعارف ڪرايل G5 اسڪوٽر پاڪستان ۾ ان ڪمپني پاران متعارف ڪرايل مهانگو ترين اليڪٽرڪ اسڪوٽر آهي جنهن جي قيمت 2 لک 80 روپيا آهي.
ان اليڪٽرڪ اسڪوٽر جو موٽر 1200 واٽ جو آهي، ان جي رفتار وڌ کان وڌ 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. ان جي بيٽري 72V26AH آهي جنهن کي مڪمل چارج ڪرڻ تي 90 کان 100 ڪلوميٽرن تائين سفر ڪري سگھجي ٿو.
ٻنهي ماڊلز لاءِ بيٽري جي 18 مهينا وارنٽي هوندي.
You might also like