چونڊ ڊيوٽي تي حاضر نه ٿيندڙ ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اليڪشن ڊيوٽي تي حاضر نه ٿيندڙ صحت کاتي جي 267 ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
ڪراچي جي پي ايس 10 جي رٽرننگ آفيسر صحت کاتي جي ڊيوٽي تي حاضر نه ٿيندڙ ملازمن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، غير حاضر ملازمن ۾ عورتون به شامل آهن.
رٽرننگ آفيسر محمد حيات گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايس ايس پي ڏکڻ/سٽي کي حڪم جاري ڪيا آهن ته ملازم قومي ذميواري جي ادائيگي کان پاسو ڪري رهيا آهن، انهن ملازمن کي گرفتار ڪري جلد پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.