حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي سنڌ حڪومت کان جواب طلب

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.
پشاور هاءِ ڪورٽ حليم عادل شيخ کي 27 آگسٽ تي ٽن ڪيسن ۾ راهداري ضمانت ڏني هئي ۽ کيس 4 سيپٽمبر تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر سنڌ پوليس حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن خلاف حليم عادل شيخ طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت درخواست داخل ڪئي وئي.
حليم عادل شيخ جي درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته راهداري ضمانت باوجود حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو نه رڳو غير قانوني آهي پر توهين عدالت جي زمري ۾ به اچي ٿو.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ کي ٽن ڪيسن ۾ راهداري ضمانت ڏني وئي هئي پر کيس نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوءِ عدالت ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.