نواب شاهه (پ ر) شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد جي اسپورٽس سوسائٽي پاران يونيورسٽي جي شعبن جي وچ ۾ شروع ڪرايل ٽن ڏينهن جو اسپورٽس فيسٽيول 2024 پنهنجي ڀرپور رنگينين سان پڄاڻي تي پهتو، جنھن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٽيمن حصو ورتو.
يونيورسٽي جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿيندڙ هن ميگا اسپورٽس فيسٽيول ۾ مختلف راندين جهڙوڪ بيڊ منٽن، رسو ڇڪڻ، ٽيبل ٽينس، 50 ميٽرن جي ريس، ٻوري بند ريس جا مقابلا ڪرايا ويا.
فائنل مقابلن ۾ بيڊ منٽن جي راندين ۾ بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين سنسني خيز مقابلي ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين کي مات ڏني، جڏھن ته ايڪانامڪس جي شاگردن جي ٽيم انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ٽيم کي ھارائي ڇڏيو.
اھڙي ريت رسو ڇڪڻ وارين راندين ۾ جينيٽڪس شعبي جي شاگردياڻين انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين کي ھارايو، ٻئي پاسي ايڪانامڪس جي شاگردن پڻ انفارميشن ٽيڪنالوجي کي شاگردن کي ھارائي ڇڏيو.
ٽيبل ٽينس جي مقابلن ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شاگردياڻين ۽ شاگردن بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردياڻين ۽ شاگردياڻين کي ھارائي ڇڏيو، شاگردياڻين جي وچ ۾ 50 ميٽرن جي ريس وارن مقابلن ۾ پھرين پوزيشن مائيڪرو بائلاجي جي صبا مسڪان، ايڪانامڪس جي مزله ٻين ۽ سنڌي شعبي جي شمائلا ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏھن ته شاگردن جي وچ ۾ ٻوري بند ريس واري دلچسپ راند ۾ آرٽس اينڊ ڊزائين شعبي جي شاگرد اسلم پھرين، ايڪانامڪس جي سراج ٻين ۽ مائيڪرو بائلاجي جي ساجد ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.
راندين جي پڄاڻي تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي پروگرام جي آرگنائيزرن ڊاڪٽر ارمان خانزاده، ڊاڪٽر الطاف خاصخيلي، شاداب فاطمه، سھيل اسلم خاصخيلي، امجد حسين اعواڻ جي محنتن کي ساراهيندي چيو ته اسپورٽس سوسائٽي جي هن فيسٽيول ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اھو ثابت ڪيو آھي ته اهي پنهنجي ٽيلنٽ کي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري اجاڳر ڪرڻ جي قوت رکن ٿا، مون کي اميد آھي ته ھن يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون امن جي پيامبرن جي روپ ۾ ويجهي مستقبل ۾ پنھنجو ھڪ نالو پيدا ڪندا.
You might also like