ڪڪڙ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاهه ۾پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر خليل سڪندر کونهارو ۽ کونهارا برادري جي ميزباني هيٺ چونڊ مھم جي حوالي سان جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ دادو ضلعي جي پ پ اميدوار سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي ووٽ جي طاقت سان بلاول ڀٽو کي وزيرآعظم بڻايو، پ پ عوام 300 يونٽ بجلي مفت، ھاري ڪارڊ ۽ صحت ڪارڊ ڏيندي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوڏيون آيون پر 2022 واري مھا ٻوڏ خطرناڪ ھئي جنھن ڪي اين شاھ تعلقي سميت ڪيترائي علائقا تباھه ٿي ويا. بلاول ڀٽو عالمي بئنڪ، گڏيل قومن، ايشيائي ترقياتي بنئڪ سميت ٻين ملڪن آڏو متاثر لاءِ آواز اٿاريو، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته تعلقي ڪي اين شاھه ۾ 45 ھزار گھر اڏڻ جو فيصلو ڪيو آھي جن جي رقم آھستي آھستي متاثرن کي ملي رھي آھي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.