راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ڏکين حالتن ۾ آهي پر اسان اقتدار ۾ اچي ڏکيائيون ختم ڪنداسين.
ڪهوٽه، راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو هتان جي حالتن کان بي خبر آهن، پ پ اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ٻيهر تبديل ڪري ڏيکاريندي.
هن چيو عوام جو جذبو ڏسي خوشي ٿي، ملڪ مسئلن جو شڪار آهي، اسان کي خبر آ ته مسئلا ڪيئن حل ڪرڻا آهن، اسان کي اقتدار ملڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه عوام جي خواهش موجب ٿيندو.
Prev Post
You might also like