شگر جي مريضن کي گدامڙي کائڻ جي صلاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گدامڙي شگر جي مريضن لاءِ فائديمند آهي.

کٽي مٺي گدامڙي ورهين کان واپرائي وڃي ٿي، هن جي پنن ۽ ڪاٺي کي به مختلف طريقن سان استعمال ڪيو ويندو آهي.

گدامڙي ۾ اينٽي آڪسائڊينٽس، بيٽا ڪيروٽين هوندا آهن جيڪي جسم کي فري ريڊيڪلز جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچائين ٿا.

وٽامن بي جي ڪري هي اعصابي نظام ۽ دماغي افعالن کي بهتر ڪري ٿي.

ڪيلشيم سان ڀرپور گدامڙي ميگنيشيم آسٽيوپوروسس، هڏن جي فريڪچر کان بچائي ٿي.

گدامڙي کائڻ سان هاضمي جو نظام بهتر ٿيندو آهي، هن ۾ ڪجهه شيون خراب ڪوليسٽرول کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.

اينٽي شگر خاصيتن جي ڪري گدامڙي بلڊ شگر ليول کي ڪنٽرول ۾ رکندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.