ماضي ۾ وٺي ويندڙ گوگل جي نئين فوٽو ايپ

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان ڪڏهن ماضي جو سفر ڪرڻ چاهيو ته هيءَ نئون اي آءِ فلٽر ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ بهترين طريقو ثابت ٿي سگھي ٿو.
ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پاران پيش ڪيل نئين آرٽ سيلفي 2 ايپ کي استعمال ڪندي واهپيدارن پنهنجي سيلفي ڪڍي پاڻ کي ڪنهن مخصوص اونداهه ۾ وٺي وڃي سگھو ٿو.
ان ايپ ۾ شامل 25 دورن ۽ اسٽائل مان ڪنهن جي چونڊ ڪندي واهپيدارن کي پاڻ کي ماضي ۾ ڏسي سگھندا.
سيلفي فلٽرز هونئن ته سنيپ چيٽ جهڙين ايپس تي ڪافي عرصي کان موجود آهن پر گوگل پاران ان ايپ ۾ هاڻي جينيريٽو اي آءِ جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
اهو ايپ تصوير ڪڍڻ کان پوءِ ان کي هٿرادو ذهانت سان گذاري صارف کي ان دور بابت تاريخي حقيقتن سان گڏ پيش ڪري ٿي.
ان ايپ کي استعمال ڪرڻ جي خواهشمند ماڻهو آءِ او ايس ۽ اينڊرائڊ تي گوگل آرٽس ايند ڪلچر ايپ ۾ حاصل ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.