فٽبال ليجنڊز رونالڊو ۽ ميسي م سعودي عرب ۾ مقابلو

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي سيزن ڪپ جي ۾ دوران پرتگالي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ارجنٽينا جي ليونل ميسي آمهون سامهون هوندا.
سعودي سيزن ڪپ جي نمائشي ميچ ۾ خميس تي ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ليونل ميسي دوبدو هوندا.
رونالڊو جي النصر ۽ ميسي جي انٽر ميامي وچ ۾ مقابلو ٿيندو.
سموري دنيا ۾ فٽبال سان چاهه رکندڙ پرستار پنهنجي پسنديدا فٽبالرز کي هڪ ڀيرو وري ايڪشن ۾ ڏسڻ لاءِ بي چين آهن پر هڪ بري خبر آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو مڪمل فٽ ناهي انڪري سندس شرڪت شڪي آهي.
النصر ۽ انٽر ميامي وچ ۾ نمائشي ميچ خميس جي رات 11 وڳي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.