ٻارن ۾ فون جي وڌندڙ رجحان تي والدين ڳڻتي جو شڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته والدين پنهنجن ٻارن جي اسڪرين ٽائيم ۾ اضافي ۽ ان جي ڪري ٻارن جي صحت کي ٿيندڙ امڪاني نقصان بابت ڳڻتي جو شڪار آهن. پر حقيق موجب گڏيل طور تي ٻارن جي ڊجيٽل تحفظ ۾ بهتري آئي آهي.
آن لائين تحفظ جي خيراتي اداري انٽرنيٽ ميٽرز پاران ڪيل سالياني تحقيق ۾ 1000 خاندانن کان سندن ڊجيٽل عادتن بابت سروي ڪئي وئي.
تازي رپورٽ ۾ خبر پئي آهي ته ٻارن جي ڊوائيسز تي خرچ ٿيندڙ وقت ۾ اضافو ۽ روايتي طور تي خاندانن کي ڏنل وقت ۾ گھٽتائي والدين جي ڳڻتي وڌائي رهي آهي. سروي ۾ شريڪ 63 سيڪڙو والدين جو چوڻ هو ته آن لائين گھاريل وقت سندن ٻارن ۾ ناڪاري اثر رکي ٿو.
50 سيڪڙو جي ويجهو والدين جو چوڻ هو ته هو اسڪرين ٽائيم جي ڪري ٻارن جي ننڊ متاثر ٿيڻ جي حوالي سان ڳڻتي جو شڪار آهن.
پر، تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته گڏيل طور تي ٻارن جي ڊجيٽل تحفظ ۾ بهتري آئي هئي ۽ وڏي انگ ۾ نوجوانن آن لائين رهڻ سبب ٿيندڙ فائدن بابت ٻڌايو.
پر تحقيق ۾ ڪجهه ڳڻتي جوڳين آن لائين سرگرمين تي به روشني وڌي وئي. تحقيق ۾ شامل 15 ۽ سالن جي ڇوڪريون جي اڌ انگ ٻڌايو ته هنن سان اجنبين رابطو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته 67 سيڪڙو جو چوڻ هو ته هنن کي انٽرنيٽ تي ڪو نه ڪو ناڪاري تجربو ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.