ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار عاطف اسلم 7 سالن کان پوءِ بالي وود جي فلم لاءِ گيت ڳائيندو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي جي فلمن کي ڪيترائي سپر هٽ گيت ڏيندڙ عاطف اسلم بالي ووڊ جي نئين فلم ”لو اسٽوري آف 90 ٽيز“ لاءِ گيت ڳائيندو. عاطف اسلم 7 سالن جي وقفي کان پوءِ ڪنهن ڀارتي فلم لاءِ پرفارم ڪندو.
فلم جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته خوشي آهي ته عاطف اسلم اسان جي فلم سان بالي ووڊ ۾ واپسي ڪندو. اڳ ئي سوچي ڇڏيو هو ته فلم جو گيت عاطف اسلم کان ڳارايو ويندو ڇو جو ڀارت ۾ سندس آواز ۽ موسيقي جا پرستار وڏي انگ ۾ موجود آهن.
You might also like