ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ڪرپشن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ پاڪستان ڪرپشن انڊيڪس ۾ 140 کان 133 هين نمبر تي هليو ويو.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل دنيا جي مختلف ملڪن جو ڪرپشن انڊيڪس جاري ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپيرنسي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، پاڪستان جو اسڪور اڻٽيهه مان گهٽجي ستاويهه ٿي ويو آهي، جنهن بعد پاڪستان جي ڪرپشن رينڪنگ 140 مان گهٽجي 133 تي هلي وئي.
ڪرپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي رينڪنگ ۾ ست درجا بهتري آئي آهي.
Released: Tl has released flagship Corruption Perception Index 2023. In CPI 2023 #Pakistan score has improved by 2 points from 27 in 2022 to 29 in CPI 2023 and rank has improved by 7 positions from 140 in CPI 2022 to 133 in CPI 2023. Details: https://t.co/3WRCY9Oq8L pic.twitter.com/iBVuCYs7aP
— Transparency International Pakistan (@TIPakistan1) January 30, 2024
ڀارت جو ڪرپٽ ملڪن ۾ 39 هين، افغانستان 162، بنگلاديش 149 ۽ سريلنڪا 115 تي آهي، ڪرپٽ ترين ملڪن ۾ سوڊان سرفهرست آهي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڏکڻ ايشيا جي گهڻي قدر ملڪن ۾ عام چونڊن سبب ڪرپشن ۾ ذڪر جوڳي لاٿ جو امڪان آهي.