روز پنڌ ڪرڻ جي عادت جو نئون فائدو سامهون اچي ويو

پنڌ ڪرڻ جي عادت کي صحت لاءِ گھڻو فائديمند قرار ڏنو ويندو آهي.
هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته پنڌ ڪرڻ سان ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿئي ٿي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
يوٽاهه يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته پنڌ ڪرڻ جي عادت دماغ لاءِ به فائديمند هجي ٿي ۽ اهڙا دماغي فعل بهتر ٿين ٿا جيڪي ڪم دوران ڌيان ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.
ان تحقيق ۾ 92 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو ۽ 6 مهينن تائين هر ڀيري پنڌ ڪرڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ سندن اي اي جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته باغ يا ڪنهن قدرتي هنڌ تي پنڌ ڪرڻ سان دماغي فعل ۽ ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت بهتر ٿئي ٿي.
محققن ٻڌايو ته ان عادت سان يادداشت، ذهني مضبوطي ۽ ٻين شين کي فائدو ٿئي ٿو.
هنن چيو ته موجودا دور ۾جھ شهري ماحول موبائيل فونز، ڪمپيوٽرز ۽ ٽريفڪ جو جنگل بڻجي چڪو آهي ۽ قدرتي هنڌ تمام ٿورا بچيا آهن.
محققن موجب باغ يا ڪنهن قدرتي هنڌ تي پنڌ ڪرڻ دماغ لاءِ وڌيڪ بهتر هجي ٿو، پر ان کان هٽي ڪري به اها عادت دماغ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي.
ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدرتي ماحول ۾ پنڌ ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.